19 پیر , فروری 2018

پاڪستان آءِ سي سي کي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزبانيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان ٽيڪس مسئلن سبب چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني جو معاملو عدم يقيني جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان 2021ع جي ايڊيشن جي ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب آءِ سي سي اجلاس دوران ان معاملي تي بحث جاري هو، جنهن دوران پي سي بي ڪرڪيٽ جي عالمي ڪائونسل کي ايونٽ جي ميزباني جي آڇ ڪئي ۽ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي آءِ سي سي کي پاڪستاني حڪومت طرفان ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيارڻ جي خاطري به ڪرائي. ان حوالي سان حتمي فيصلو آءِ سي سي جي ايندڙ سالياني بورڊ اجلاس ۾ ٿيندو. واضح رهي ته ڪرڪيٽ جي عالمي ڪائونسل ڀارت ۾ آءِ سي سي ايونٽن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ نه هجڻ تي کٽڪن جو اظهار ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کي کلي عام ڦاهي ڏيڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے