17 جمعو , آگسٽ 2018

ن ليگ اصولي نه پر هڪ شخص کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي: شازيا مري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته نواز شريف سدائين عدالتي فيصلن جي حمايت ڪندو رهيو، هاڻ جڏهن سندس خلاف فيصلو آيو آهي ته ججن تي ٽارگيٽيڊ حملا ڪري رهيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته پ پ جي اقتدار دوران اپوزيشن ۾ رهي توهان حڪمرانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، توهان لانگ مارچ ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون پر اسان اهو نه چيوسين ته پلاند وٺي رهيا آهيو، اهو توهان جو جمهوري حق هو پر اڄ توهان حڪومت ۾ ويهي ڪنهن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهيون، اڄ هڪ عدالتي فيصلو نواز شريف جي حق ۾ ناهي آيو بقول ان جي ته هو روز عوامي عدالت لڳائي رهيو آهي، ججن کي خدا جو خوف ڏياري رهيو آهي ۽ بتن جو مثال ڏئي رهيو آهي، فيصلو ڪوڙ ڳالهائڻ تي آيو آهي، ان کي اقامي ۾ نه الجهايو. هن چيو ته نواز شريف روز عدالتن کي بددعائون ڏئي رهيو آهي، ن ليگ اصول جي نه پر هڪ شخص کي بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے