23 آچر , سيپٽمبر 2018

پنهنجو پاڪستان پنهنجو اختيار واري پاليسي

ملڪ جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام جو رستو افغانستان مان ٿي گذرندو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اسان ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکون ٿا.

ڪالهه، افغانستان ۾ ڊفينس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جا سڀ ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن، دهشتگرد 27 لک افغان پناهگيرن جي موجودگي جو فائدو کڻندا آهن، اهي پاڪ – افغان سرحد تي اثرائتي سيڪيورٽي گهٽ هجڻ جو به فائدو کڻن ٿا. سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪندڙن جي به نشاندهي ڪئي پئي وڃي. ان ڪانفرنس ۾ ڪمانڊر سينٽ ڪام، ڪمانڊر ريزولوٽ سپورٽ مشن ۽ افغان آرمي چيف به شريڪ ٿيا آهن.

ٻئي پاسي، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي. پارليامينٽ هائوس ۾ جرمني جي سفير مارٽن ڪوبلر ۽ فيڊرل اڪيڊمي آف سيڪيورٽي پاليسي آف جرمني جي سينيئر آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جن کي پارلياماني ۽ اقتصادي طور هٿي ڏئي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ موجود سڀ سياسي پارٽيون پاڪ – آمريڪا لاڳاپن واري معاملي تي هڪ صفحي تي آهن ۽ چاهين ٿيون ته اسان جي پرڏيهي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ نه هجي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي عزت تي ڪابه سوديبازي ڪرڻ کانسواءِ ان سان بهتر دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکيو پيو اچي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ ۾ خطاب دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته سي پيڪ سڄي خطي ۾ ترقي ۽ معاشي استحڪام آڻيندو، اسان توانائي کوٽ ختم ڪري ڇڏي آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان معاشي شعبي ۾ شاندار ترقي ڪئي آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

هڪ مناسب ۽ پاڪستان دوست پرڏيهي پاليسي ۽ سڄي دنيا ۾ گڏيل احترام واري پاليسي ئي سوڀاري ۽ شاندار پاليسي آهي، جنهن کي پاڪستان جي سمورن پرتن کي اختيار ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻو پوندو.

اربع 14 فيبروري  2018ع، 27 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے