23 آچر , سيپٽمبر 2018

14 فيبروري پيار۽ سهپ وڌائڻ جو ڏڻ

دنيا جي اڪثر خطن ۽ ملڪن ۾ رڳو نفرت ڪرڻ، جنگيون لڳائڻ، باهه ڀڙڪائڻ، سچائي، سورهيائي ۽ سائنس سان ٻه هٿ ڪرڻ جي اجازت مليل هجڻ ڪري سڄي دنيا جا اڪثر ڏک انهن صفتن سان سلهاڙيل آهن. ڪنهن سورمي جو موت هجي، ڪنهن شخص، ڪنهن ٽولي، گروهه يا سڄي نسل کي سچائي جي رستي تي هلڻ سبب تباهه ڪرڻ، ڪنهن جي ”اوچو وههُ  اوڀار“ واري روش تي سر تر تي رکي اڏائڻ جهڙا قصا هن دنيا جا عام قصا رهيا آهن. پر 14 فيبروري جي ڪُک مان ڪيئي ديومالائي قصن جي ڪري پيار، محبت ۽ پنهنجائپ جا جيڪي گُل ٽڙيا آهن، اهي پڻ انسانذات لاءِ هاڪاري، نفيس ۽ لطيف جذبن جو گس ڏين ٿا.

حضرت عيسيٰ عليه کان ٽي سئو سال اڳ رُومي سلطنت جي هڪ پادري ”ويلنٽائين“ کي رڳو ان ڪري ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ڇوته هن روياتي ۽ رواجي ديواتائن کي پوڄڻ کان انڪار ڪيو هو. ڏندڪٿائن موجب، جنهن ڪاٺ ۾ هُو قيد هو، اتي جي چوبدار جي سندس نابين نياڻي جي بينائي هن واپس آندي، جنهن حاڪمن کي کيس اهو چئي مارڻ جو وجهه ڏنو ته هن قدرت پاران نابين کي روشني ڇو عطا ڪئي.

جيلر جي انڌي ڌيءَ جي اکين جي روشني هن واپس آندي. 14هين فيبروريءَ تي سندس سر قلم ڪيو ويو، نه رڳو ان ڪري ته هو عيسائيت تي ويساهه رکندڙ هو، پر ان ڪري به ته هن ڇوڪريءَ جي اکين جي روشني واپس آڻڻ جو معجزو ڇو ڏيکاريو. ويلنٽائين نالي ان پادريءَ کي سندس چاهيندڙن سندس جدائيءَ تي محبت منجهان خط، محبت ناما ۽ ڪارڊ موڪليا، سندس موت کان پوءِ ان ڏينهن کي محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جي روايتَ پئي. هڪ ٻي ڏند ڪٿا موجب ان واقعي کان 100 ورهيه پوءِ هڪ اطالوي بِشَپ کي رڳو ان ڪري بند ۾ رکيو ويو ڇوته هو لڪ لڪوٽي محبت ڪندڙ نوجوانن جون ڳُجهه ۾ شاديون ڪرائيندو هو، جن کي رومي قانون موجب شاديءَ جي اجازت نه ملندي هئي. ڏند ڪٿا موجب ان ڏوهه جي سزا ۾ 14 فيبروريءَ تي کيس زنده ساڙيو ويو هو، ان ڪري اهو ڏينهن محبت جي علامت بڻجي ويو.

ويلنٽائين ڪنهن جو به تهوار ناهي، نه عيسائين جو، نه يهودين جو، نه هندن جو، نه وري سکن جو هي ته بس پيار ۽ محبت جي احساس ۽ اظهار جو ڏينهن آهي۔ ان اظهار کي ڪير ڪيئن ٿو پيش ڪري اهو الڳ سوال آهي جيڪو بحث طلب آهي۔ عشق ڌرتي سان به ٿيندو ته پنهنجي محبوب سان به، اهو محبوب انسان به آهي، ته ڪا علامت پڻ آهي.

ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پ پ ايم اين اي بيلم حسنين طرفان مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل هڪ قرارداد کي ايوان منظور ڪري ورتو آهي. بيلم حسنين جو چوڻ هو ته پاڪستان کي هن وقت مذهبي هم آهنگي لاءِ فوري طور عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. مذهبي معاملن جي وفاقي وزير قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته حڪومت مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ ملڪ ۾ آباد ٻين مذهبن سان واسطو رکندڙن جي مذهبي تهوارن کي به خاص طور ملهايو ويندو آهي پر بيلم حسنين جو چوڻ هو ته رڳو سرڪاري طور تقريبون ملهائڻ سان ڳالهه اڳتي نه وڌندي، سندس موجب ان لاءِ هر سطح تي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته حقيقي امن لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ برداشت ۽ هڪٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ جي رويي کي اڳتي وڌايو وڃي.

اربع 14 فيبروري  2018ع، 27 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے