16 خميس , آگسٽ 2018

لوڌران الڪيشن ۽ سينيٽ اندر حقيقتي نمائندگي جو سوال..؟؟

مصطفيٰ  جمالي

هڪ ڏينهن پهرين اين اي 154لوڌران ۾ ضمني چونڊ ٿي الڪيشن کان پهرين سموري ميڊيا توڙي ڪجهه سياسي حلقن پاران اهو حتمي فيصلو هو ته اين اي 154لوڌران اندر جهانگير ترين جي پٽ علي ترين ئي الڪيشن کٽندو جڏهن ته سندس مقابلي اندر اهڙو ڪو به سياسي اميدوار مظبوط ناهي جيڪو اها اليڪشن کٽي سگهي.اين اي 153لوڌهران جي اليڪشن مهم به خود جهانگير ترين ئي هلائي رهيو هو جنهن ڪري سموري ميڊيا توڙي ڪيترن ئي تجزيڪارن پاران اها راءِ هئي ته هن سال انهي لوڌران واري سيٽ تي پاڪستان مسلم ليگ ن کي فتح نصيب نه ٿيندي،پر الڪيشن واري ڏينهن سموري سوچ سمورا تجزيا غلط ثابت ٿيا ۽ علي ترين شڪست کي نصيب ٿي ۽ اهو سمورو منظر سندس والد جهانگير هيليڪاٽر ذريعي هوا ۾ ئي ڏسندو رهيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي نااهلي جي نتيجي ۾ خالي ٿيل سيٽ تڪ اين اي 154 لوڌران ۾ ننڍي چونڊ لاءِ صبح 8 وڳي پولنگ شروع ٿي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي.

تڪ تي اصل مقابلو پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو هو جڏهن ته واضع اڪثريت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هئي ڇو ته اها سيٽ سندس ئي سيٽ هئي جيڪا جهانگير ترين جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿي هئي انهي سان گڏ انهي سيٽ تي، پيپلز پارٽي سميت 10 اميدوار مقابلي ۾ بيٺل هئا جڏهن ته پي ٽي آءِ جي علي ترين ۽ ن ليگ جي پير اقبال شاهه ۾ ننهن ڇوٽيءَ جو مقابلو ٿيڻو هو پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ پير اقبال شاهه جهانگير ترين جي پٽ کي وڏي ليڊ ڏئي اليڪشن کٽي ويو.تڪ جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي 4500 فوجي ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا الڪيشن ڪميشن جي جي انگن اکرن موجب ٽوٽل ووٽن جو تعداد چار لک 31هزار هو جنهن ۾ 2لک 36هزار496ووٽ مردن ۽ عورتن جا لک 96هزار506ووٽ شامل هئا.

اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته آخر لوڌران واري سيٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف ڇو ڪونه کٽي سگهي، جڏهن ته ڇڏيل سيٽ سندس ئي هئي پوءِ انهي سيٽ تي ن ليگ جي اڪثريت ڪٿان اچي وئي.ڏٺو وڃي ته انهي حلقي سان علي ترين کي سندن ئي ووٽرن هارايو آهي جن پهرين سندس والد جهانگير ترين کي ووٽ ڏنا هئا اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته ان تڪ جي ووٽرن کي گمان هئو ته انهن جي پاران جيڪي اميداوار آهن اهي ته استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن،۽ ڪيترن ئي مهينن کان سندس اميدوار ته اسميبلي به ناهن آيا. اها به اياز صادق جي ئي مهرباني آهي جنهن استيفائون قبول نه ڪيو نه ته سمورا مميبر فارغ ٿي وڃن ها.جڏهن ته ان کان سواءِ اهو به سبب اهم آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسميبلي جي مميبرن پارليامينٽ تي خوب لعنتون وسايون جڏهن ته ووٽرن ئي اهو سوچيو هوندو ته اسان جي حڪرانن جي اڳيان اسانجي ووٽ جي اها اهيمت آهي انهن وٽ اسانجي ڪهڙي اهيمت هوندي انهي ڪري سموري عوام پلٽو کاڌو ۽ علي ترين کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ هنن پاڪستان مسلسم ليگ ن کي ووٽ ڏنو جيڪا وڏي اڪثريت سان الڪيشن کٽي وئي،هڪ ته صرف لوڌهران الڪشن بابت سموري الڪيٽرنڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي تبصرا هلي رهيا آهن ته ٻئي پاسي سينٽ جي چونڊن جو به موضوع به اهم بڻيل آهي.

اها اڄ جي ڳالهه ناهي پر پاڪستان جي سياست اندر اها ريت پراڻي آهي ته سنيٽ جي ميمبر جي هيمشه ٻولي لڳائي ويندي آهي جنهن اندر ڪروڙين رپين جون ٻوليون لڳنديون آهن،انڪري سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته سينٽ جي ميمبر جي پويان الائي ڪهڙو قارون جو خزانو لڪل هوندو آهي جنهن تي ڪروڙين رپين جو ٻوليون لڳنديون آهن،جنهن تي پئسا پاڻي وانگر وهايا ويندا آهن، ڳالهه صرف پئسن جي آهي ته ان مان اهو به صاف ظاهر آهي ته جهڙي ريت ماڻهو پئسن سان خريد ڪيا ويندا آهن ۽ جهڙِي ريت ميمبر پئسن تي سينٽ جا ميمبر ٿيندا آهن ته انهن مان سٺائي جي اميد به اهڙي ئي رکڻ گهرجي، پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت سينٽ جي چونڊن جي مهم عروج تي پهتل آهي،جڏهن ته سنيٽ جي چونڊن جي حوالي سان هر ٽئي سال سينٽ جي سيٽ خالي ٿيندي آهي جنهن کانپوءِ قومي الڪيشن ٿيندي آهي ۽ خالي سنيٽ کي ڀرڻ لاءِ اميدوار جي چونڊ ڪئي ويندي آهي،جنهن اندرهر چونڊيل ميمبر جو مدو چار سال هوندو آهي،جڏهن ته ٿيندو ائين آهي ته جيڪي سنيٽ جا اميدوار رٽائرڊ ٿيندا آهن انهن جي جاءِ جي نون اميدوارن کي چونڊيو ويندو آهي،جڏهن ته هاڻ ائين به آهي ته رٽارڊ ٿيڻ واري اميدوار کي ٻيهر به موقعو ڏنو ويندو آهي،اسحاق ڊار،مشاهد حسين ۽ چيئرمين سينٽ رضارباني  جي تاريخ اسان جي سامهون آهي ۽ ٻيا به اهڙا اميدوار آهن جن جو مثال ملڪ اندر موجود آهي.مشاهد حسين پاڪستان ملسم ليگ ق مان پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ ويو ته کيس ٽڪيٽ به ڏني وئي آهي.

2018ع جي اليڪشن کان پهرين سينٽ جي چونڊن تي نظر وجهون ته ڪيترن ئي تجزيڪارن جي مطابق پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينٽن ۾ اضافو ٿي ويندو جيڪي سيٽون 26مان وڌي ڪري 30 ٿي وينديون،جڏهن ته هڪ مشهور تجزيڪا جي مطابق اهي سيٽون26مان 35 به ٿي سگهن ٿيون.انڪري سينيٽ ن ليگ جو ئي مضبوط ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽ کان محروم رهجي ويندي،پاڪستان جي آئين جي مطابق سينٽ اندر ڪنهن به جماعت جي اڪثريت نه بجيٽ جي منظوري تي ڪو اثر وجهي سگهي ٿي ۽ نه ئي حڪومت سازي تي،سنيٽ جي ڪيتري اهيمت آهي،انجو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿوته سابق وزيراعظم ميان نواز شريف ساڍا چار سال حڪومت جو وزيراعظم رهيو انهيءَ عرصي ۾ هو ڪيترا دفعا سينٽ ۾ آيو ، فرض ڪجي ته پاڪستان مسلم ليگ ن 2018ع جي سينيٽ جي چونڊن ۾ پنهنجي طاقت 26مان 35 ڪري به وٺي ٿي ته پوءِ به انهي کي ڪا خاص وڏي ڪاميبابي نه ٿو چئي سگهجي،ڇو ته سنيٽ جي چونڊ ڪا زمين لوڏڻ واري اليڪشن ناهي ۽ ها اصل اليڪشن ايندڙ وقت جي آهي جيڪا پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيندي.

ڳالهه اڃان اتي ختم ناهي ٿي اچو ته حالتن جي ٻئي رخ تي ٿوري نظر وجهون پاناما ڪيس کان وٺي ختم نبوت جي ڌرڻي تائين ۽ پوءِ ماڊل ٽائون جي نجي رپورٽ تائين پاڪستان مسلم ليگ لاءِ وک وک تي ڪنڊا پکڙيل نظر آيا جنهن تي پاڪستان مسلم ليگ ن کي هلڻ مشڪل ٿي ويو هوُ،جنهن تي خود ميان نواز شريف اهو سوال اٿاريوته“مونکي ڇو ڪڍيو ويو”جڏهن ته کيس اهو به واضع ٻڌايو ويو ته کيس انهن قوتن ناهي ڪڍيو جن اڳين وزيراعظمن کي ڪڍيو هو،جنهن بعد ميان نواز شريف فوج ۽ عدالت تي مسلسل تنقيد ڪندو پيو اچي، جنهن مان اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته ميان نواز شريف مسلسل عدالتن تي نقيد ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته هوُ پنهنجو ڪرپشن ڪيس عدالت ۾نه پر عدالت کان ٻاهر وڙهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي جنهن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو ان جو اندازو ميان نواز شريف اڃان تائين نه لڳائي سگهيو آهي.

ميان نواز شريف کي گهرجي ته عدالت جي خلاف سوچي سمجهي بيان بازي ڪري ۽ هروڀرو توهين عدالت ڪيس ۾ نه ڦاسي ان ۾ ئي سندس بهتري آهي، ميان نواز شريف عدالت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي جيڪا تنقيد ڪري رهيو آهي اها به واضع ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالت کي نشانو بنائڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ميان نواز شريف جهموري حلقن اندر پنهنجي ووٽ بيڪ کي مظبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،جنهن ۾ هوُ چاهي ٿو ته ايندڙ الڪيشن ۾ سندس ووٽ بيڪ مظبوط ٿئي ۽ ايندڙ وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ ن جو ئي هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ آرٽسٽ جي رنگن جو ٿيل قتل

امير ڀنڀرو سنڌ سالن کان ڀوڳي پئي ڪڏهن غربت جي لڪير هيٺ ته، ڪڏهن ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے