23 پیر , اپریل 2018

عورت ملازم پئسا گم ٿيڻ جو الزام نانگ تي مڙهي ڇڏيو

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ هڪ عورت ملازم پئسا گم ٿيڻ جو ڏوهه نانگ تي وجهي ڇڏيو، پئسن جي کوٽ تي ڄاڻايل ڪلارڪ عورت آڊيٽرن اڳيان دعويٰ ڪئي ته اهي پئسا نانگ کائي ڇڏيا آهن. نائجيريا اگزيمينيشن بورڊ ۾ فلومينا چيشي نالي ڊيوٽي ڪندڙ ڪلارڪ پئسن جي کوٽ تي پنهنجي صفائيءَ ۾ نانگ کي ئي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو. آڊٽ دوران جڏهن پئسن جي کوٽ ٿي ته ڪلارڪ فلومينا دعويٰ ڪندي چيو ته اهي سڀ پئسا نانگ کائي ويو آهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ نائجيريا جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي فلومينا چيشي کي معطل ڪري پنهنجي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اهڙي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پڻ ماڻهو مختلف قسمن جا تجزيا ڪري رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪابل:چونڊ مرڪز تي آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 31 ٿي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ووٽر رجسٽريشن  آفيس ڀرسان ٿيندڙ آپگهاتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے