ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) مشهور قانوندان ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم شخصيت کان محروم ٿي ويو. سانا جي صدر محمد علي مهر پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته عاصمه جهانگير پنهنجي سڄي حياتي غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ ڪتب آندي ۽ هن ناانصافي ڪندڙ طاقت ور ڌُرين سان مهاڏو اٽڪايو، سندس لاڏاڻي سان دنيا هڪ عظيم هستي کان محروم ٿي وئي آهي.27
هي به ڏسي سگهو ٿا
پ پ پي آءِ اي جي نيلامي نه ٿيڻ ڏيندي: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز يونٽي …