23 پیر , اپریل 2018

وفاقي ڪابينا عمان ۽ اٽلي سان ايل اين جي معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ عمان ۽ اٽلي سان ايل اين جي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ بين الحڪومتي معاهدن تي صحيحن سميت مختلف معاهدن ۽ يادداشتن جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو، جتي ناليواري قانون داد سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عاصما جهانگير ۽ مير هزار خان بجاراڻي جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحا خواني به ڪئي وئي. ڪابينا اجلاس ۾ عمان ۽ اٽلي سان ايل اين جي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ بين الحڪومتي معاهدن تي صحيحون، ڪراچي کان ڪابل تائين 01×20 فٽ ڪنٽينر جي ٽرانزٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ رولز 2018 جي اصولي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران نيپرا جي سال 18-2017ع جي مقرر ڪيل بجلي اگهن جي منظوري ۽ آزاد ڪشمير لاءِ بجلي جا اگهه مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نيو اسلام آباد ايئرپورٽ کي جلد فعال ڪرڻ ۽ مختلف وزارتن ۾ ادارن جي سربراهن جي خالي عهدن کي ڀرڻ وارو عمل تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا پاور سيڪٽر ۾ بجلي جي واڌو پيداوار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ پي آءِ اي جي نيلامي نه ٿيڻ ڏيندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز يونٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے