20 سومر , آگسٽ 2018

ملازمن تي جنسي الزام: آڪسفيم جي نائب سربراهه پيني لارنس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) امدادي ڪارڪنن تي اعتراض جوڳن جنسي روين جي الزامن کانپوءِ برطانوي امدادي تنظيم آڪسفيم جي نائب سربراهه پيني لارنس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. لارنس جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي اداري جي ملازمن جي غير اخلاقي عمل جي مڪمل ذميواري قبول ڪيان ٿي ۽ ڏاڍي شرمندي آهيان. واضح رهي ته گذريل هفتي اهي خبرون سامهون آيون هيون ته هيٽي ۾ 2010ع جي زلزلي کانپوءِ امدادي ڪاررواين دوران ڄاڻايل برطانوي فلاحي تنظيم جي ڪارڪنن جسم فروش عورتن سان گڏجي رنگ رَليون ملهايون هيون. 2006ع ۾ آفريڪي ملڪ چاڊ ۾ به آڪسفيم جي ڪارڪنن تي اهڙا ئي الزام لڳا هئا. يورپي ڪميشن آڪسفيم کي ڏني ويندڙ امداد روڪڻ جي ڌمڪي پڻ ڏئي چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Interroot refuses from handling the hand; The case was taken against the Muslim woman

هٿ نه ملائڻ تان انٽرويو رد ڪرڻ وارو معاملو؛  مسلم عورت ڪمپني خلاف ڪيس کٽي ورتو

سوئيڊن(ويب ڊيسڪ) هڪ مسلمان عورت هٿ نه ملائڻ تي نوڪري وارو انٽرويو رد ڪندڙ ڪمپني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے