18 اربع , جولاءِ 2018

ووٽ جو حق ڏيو: کدڙا فقير عدالت پهچي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جا کدڙا فقير ووٽ جو حق گهرڻ پشاور هاءِ ڪورٽ پهچي ويا ۽ انهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خلاف رٽ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ، صحت ۽ انصاف ڪارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ کدڙا فقير ووٽ جو حق گهرڻ عدالت پهتا. هنن آئين جي آرٽيڪل 199 تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن دخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر خيبر پختونخواهه کي ڌر بڻايو ويو آهي. رٽ پٽيشن ۾ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پابند ڪيو وڃي ته 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ کدڙن فقيرن کي ووٽر ۽ اميدوار طور حصو وٺڻ جو حق ڏنو وڃي. رٽ پٽيشن ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي فارمن ۾ مردن ۽ عورتن سان گڏوگڏ کدڙن فقيرن جو ڪالم به شامل ڪيو وڃي ته جيئن کدڙا فقير پنهنجي صنفي سڃاڻ سان گڏ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لائق ٿي سگهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام پنهنجي طاقت اسلام ۽ شريعت لاءِ استعمال ڪري: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هاڻ حڪومتون توپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے