20 سومر , آگسٽ 2018

ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي. پارليامينٽ هائوس ۾ جرمني جي سفير مارٽن ڪوبلر ۽ فيڊرل اڪيڊمي آف سيڪيورٽي پاليسي آف جرمني جي سينيئر آفيسرن جي وفد سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جن کي پارلياماني ۽ اقتصادي طور هٿي ڏئي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ موجود سڀ سياسي پارٽيون پاڪ – آمريڪا لاڳاپن واري معاملي تي هڪ صفحي تي آهن ۽ چاهين ٿيون ته اسان جي پرڏيهي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ نه هجي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي عزت تي ڪا به سوديبازي ڪرڻ کانسواءِ ان سان بهتر دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ممڪن ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے