20 سومر , آگسٽ 2018

قومي اسيمبلي ۾ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قرداد منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ايم اين اي بيلم حسنين طرفان مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل هڪ قرارداد کي ايوان منظور ڪري ورتو آهي. بيلم حسنين جو چوڻ هو ته پاڪستان کي هن وقت مذهبي هم آهنگي لاءِ فوري طور عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. مذهبي معاملن جي وفاقي وزير قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته حڪومت مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ ملڪ ۾ آباد ٻين مذهبن سان واسطو رکندڙن جي مذهبي تهوارن کي به خاص طور ملهايو ويندو آهي پر بيلم حسنين جو چوڻ هو ته رڳو سرڪاري طور تقريبون ملهائڻ سان ڳالهه اڳتي نه وڌندي، سندس موجب ان لاءِ هر سطح تي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته حقيقي امن لاءِ ضروري آهي ته معاشري ۾ برداشت ۽ هڪٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ جي رويي کي اڳتي وڌايو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے