19 پیر , فروری 2018

فلم ” مومل راڻو“ پي آءِ ايف ايف ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ننڍي کنڊ ۾ محبت جي لازوال داستانن مان هڪ ”مومل راڻو“ تي ٺهيل پاڪستاني فلم کي ايندڙ مهيني پهرين ”پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول“ (پي آئي ايف ايف) ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. خيال رهي ته ”مومل رانو“ فلم کي ابتدائي طور تي ڀارت جي ٽي وي چينل ”زي ٽي وي“ جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر ٻنهي ملڪن ۾ تلخيون وڌڻ سبب هن معاهدي تي عمل درآمد رد ڪيو ويو هو .”مومل راڻو“ جي شوٽنگ گذريل سال مڪمل ٿي وئي هئي، جنهن بعد فلم کي نمائش لاءِ پيش نه ڪيو ويو، پر اها فلم ڪيترن ئي عالمي فلم فيسٽيولن ۾ پيش ٿي چڪي آهي. هاڻ ان فلم کي ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ پهرين پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. ”مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار احسن خان ۽ صبا قمر ادا ڪيو آهي، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ حسين قادري، سنڌي ڊرامن جو ايڪشن اداڪار اسد قريشي، سلمان سعيد ۽ زينب جميل سميت ٻيا اداڪار شامل آهن. ظفر معراج جي لکيل اسڪرپٽ جي هدايت سراج الحق طرفان ڪئي وئي. فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها ڪهاڻي سنڌ جي لازوال رومانوي ڪردارن ”مومل ۽ راڻو“ جي آهي، پر فلم ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين کي به ڪجھه حد تائين شامل ڪيو ويو آهي. فلم کي قديم زماني بدران جديد دور جي حساب سان ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته ان ۾ اردو سميت سنڌي ٻولي جي گيتن کي به شامل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتفاق سان ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو باڪمال هوندا آهن: ريجا علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ريجا علي چيو آهي ته سمورن شعبن ۾ اهڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے