19 پیر , فروری 2018

اجي جي فلم ۾ نصرت فتح علي خان جو ٻيو گيت به شامل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار اجي ديوگن جي نئين فلم”ريڊ“ ۾ استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت” سانو اڪ پل چين نه آئي“ به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن گيت کي راحت فتح علي خان ڳايو آهي. استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙي 21 ورهيه گذري چڪا آهن، پر سندس آواز ۽ ڳايل گيت اڄ به سُر ن جي دنيا تي راڄ ڪن ٿا. بالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن هڪ دفعو ٻيهر استاد نصرت فتح علي خان جي گيتن کي ري مڪس ڪري شامل ڪيو پيو وڃي. ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ادڪار اجي ديوگن جي مسلسل ٻئين فلم استاد نصرت فتح علي خان جو ڳايل مشهور گيت شامل ڪيو ويو آهي، سندس نئين فلم ”ريڊ“ ۾ سانو اڪ پل چين نه آئي کي راحت فتح علي خان جي آواز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. استاد نصرت فتح علي خان اهو گيت 1993 ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران ڳايو هو، ان کان اڳ اجي ديوگن جي آخري رليز ٿيل فلم ” بادشاهو“ ۾ پڻ مشهور گيت ”ميري رشڪ قمر“ کي به استاد نصرت فتح علي خان ۽ راحت فتح علي خان جي آواز ۾ شامل ڪيو ويو آهي ٻئي گيت اجي ديوگن ۽ اليانا ڊي ڪروز تي فلمايا ويا آهن ۽ فلم ”بادشاهو“ جي گيت کي يوٽيوب تي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو هو. واضح رهي ته فلم ”ريڊ“ 16 مارچ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتفاق سان ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو باڪمال هوندا آهن: ريجا علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ريجا علي چيو آهي ته سمورن شعبن ۾ اهڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے