19 پیر , فروری 2018

نيوز : سوڀوديرو: پورهيت تي پوليس  ۽وڏيري جو مبينا تشدد

*سوڀوديري ويجهو   پورهيت تي پوليس  ۽وڏيري جي مبينا تشدد۾ پورهيت مرڻينگ ، وارثن پاران انصاف جو مطالبو ڪيو ويو آهي .

 ڳوٺ مياڻي جي رهواسي   الھڏنو ملاح کي موبائل چوري جي شڪ ۾ مون ٿاڻو منگي ماڙي جي پوليس گرفتار ڪيو ٿاڻي اندر  اھلڪارن  ۽ وڏيري  نوجوان تي سخت تشدد کيس  ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

 تشدد جو شڪار ٿيل نوجوان الھڏنو ملاح کي سندس وارث اڄ بيھوشي جي صورت ۾ سوڀوديرو اسپتال کڻي آيا

ان موقعي تي نوجوان جي وارثن  والد عبدعلي ملاح ، ماءُ جنت خاتون ۽ ٻين بڌايو ته

ماڙيچن جي موبائل فون ٽمور ھوٽل تان چوري ٿي شڪ ۾ وڏيري جاويد تنيو جي چوڻ تي پوليس  اھلڪارن شفقت بڙدي، ڇٽل ڀيلار ۽  منير اوٺي سندن نوجوان کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو .

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن ۽ بااثر ڀوتار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-19

سامارو: مٺڙائو ڪئنال جي ري ماڊلنگ سبب شاخن ۾ پاڻي نھ پهچي سگهيو، احتجاج ڀان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے