22 منگل , مئی 2018

ڪوهاٽ جي عاصمه راڻي ڪڌي رسم “ غگ” جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف

ڪوهاٽ ( ويب ڊيسڪ ) ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي جي قتل ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻيءَ کي قتل نه ڪيو ويو پر هوءَ قبائلي رسم“ غگ” جو شڪار ٿي آهي. قبائلي رسم موجب ڪو به ڇوڪرو ناريءَ جي گهر ٻاهران چار فائر ڪندو آهي  ۽ ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو دعويدار ٿي ويندو آهي. پوءِ ڪو به مرد ان ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندو آهي. آر پي او ڪوهاٽ جو چوڻ آهي ته عاصمه جو قتل غگ جهڙو آهي پر غگ ناهي. حڪومت جي انڪار باوجود غگ جي رسم اڃا تائين جاري آهي. قبائلي رسم تحت دعويدار ڇوڪري پاڻ شادي کان انڪار به ڪري ته ڇوڪريون ڪنواريون رهجي وينديون آهن ۽ ڪي پي توڙي فاٽا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف رڳو ٻن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏي ته ڪيس حل ٿي ويندو: تحريڪ انصاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف رڳو ٻن سوالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے