22 منگل , مئی 2018

اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اي ٽي ايم فراڊ ڪيس ۾ ملوث چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث چيني شهري کي ڪراچي جي ماتحت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بيناد تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار خلاف فريادي وٽ ڪو به ثبوت نه هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ چيني شهري تي فرد جرم لاڳو ڪيو تنهن هوندي جوابدار ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت فريادي کي 20 فيبروري تائين شاهد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيپلز پارٽي جو فنڪارن کي سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ فنڪارن کي به سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے