20 سومر , آگسٽ 2018

متحده بهادر آباد رابطا ڪميٽي طرفان 16 فيبروري تي جنرل ورڪرز اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) متحده بهادر آباد رابطا ڪميٽي 16 فيبروري تي جنرل ورڪرز اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنرلز ورڪز اجلاس عيد گاهه گرائونڊ ناظم آباد ۾ ٿيندو. ڊاڪٽر فاروق ستار 17 فيبروري تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. متحده بهادر آباد رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ فروغ نسيم اليڪشن ڪميشن جي موقف کي شڪي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پهريون به هڪ موقف اختيار ڪيو هو ، اليڪشن ڪميشن جو پڌرنامو مضبوط دستاويز ناهي. هن چيو ته پرويز مشرف سٺو انسان آهي پر منهنجو سياسي ليڊر ناهي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف سندس ڀائرن وانگر آهي، مان سندس وڪيل به آهيان. فروغ نسيم چيو ته فاروق ڀائي جي تمام گهڻي عزت ڪريان ٿو، سندن ڪابه غلطي ناهي، فاروق ستار تائين منهنجون ڳالهيون غلط انداز ۾ پهچايون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے