20 سومر , آگسٽ 2018

ڍورونارو: نوجوان ريل جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت، گهر ۾ ماتم

غلام نبي شاھ(ويب ڊيسڪ) ڍورونارو ۾ 35  ورھين جو نوجوان ريل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو. گھر ۾ ٻن ننڍن ڀائرن ۽ ھڪ ڀيڻ جي شادي جو رسمون ھلندڙ ھيون، اطلاع تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. خبر موجب ڍورونارو دڙو جو رھواسي 35 ورھين جو نوجوان روي پٽ ڏيون مينگھواڙ ريل جي پٽڙي وٺي وڃي رھيو ھو ته کوکراپار کان ايندڙ ماروي ايڪسپريس سان ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان تڏي تي فوت ٿي ويو. سندس پي جو چوڻ آھي ته پٽ جو ڪافي ڏينھن کان دماغي توازن درست نه ھو، ٻئي پاسي نوجوان جي گھر ۾سندس ننڍن ٻن ڀائرن ۽ ھڪ ڀيڻ جي شادي جون رسمون ھلندڙ ھيون. فوتگي جي اطلاع تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل تي ويون ڍورونارو پوليس ضروري ڪارروائي ڪري لاش واثن حوالي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، ماڻهن کي نوڪريون ملنديون: عارف علوي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے