22 منگل , مئی 2018

شاهه رخ خان جي پنهنجي آئيڊيل دليپ ڪمار سان ملاقات

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان هڪ دفعو ٻيهر مشهور ليجنڊري اداڪار دليپ ڪمار جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي. شاهه رخ خان دليپ ڪمار کي پنهنجو آئيڊيل تسليم ڪري ٿو ۽ ليجنڊ اداڪار به بالي ووڊ بادشاهه کي پنهنجو پٽ سمجهندو آهي. دليپ ڪمار هر ڀيري شاهه رخ خان سان ملي خوش ٿي ويندو آهي. دليپ ڪمار بيماري سبب پنهنجي گهر تائين محدود آهي، بالي ووڊ ڪنگ گهر وڃي سندس عيادت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي جي هڪ تصوير دليپ ڪمار جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ دليپ ڪمار ڪمزور نظر اچي رهيو آهي. هڪ ٻي ٽوئيت ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته اها تصوير دليپ ڪمار طرفان فيصل فاروقي شيئر ڪئي آهي ۽ ٻڌايو ته صاحب جي طبيعت هاڻي بهتر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

tabu became the part of Salman's film "India"

ادڪارا تبو سلمان جي فلم”ڀارت“ جو حصو بڻجي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان جي ايندڙ فلم”ڀارت“ ۾ انڊسٽري جو ڪيتريون ئي مشهور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے