20 سومر , آگسٽ 2018

عمران طاهر تي تماشائي جي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز

ڪيپ ٽائون(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بوڊ جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ دوران تماشائي طرفان ليگ اسپنر عمران طاهر تي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڏکڻ آفريقي بورڊ طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڇنڇر ڏينهن وانڊرز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمران طاهر تي تماشائي نسل پرستاڻا جملا استعمال ڪيا ۽ ان واقعي بابت هن سيڪيورٽي اختيارين کي آگاهه ڪيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران طاهر  ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ گرائونڊ جي اسٽينڊز ۾ ويو جيئن ان شخص جي سڃاڻپ ڪري سگهجي جنهن جملا استعمال ڪيا ۽ گاريون ڏنيون.  ياد رهي ته 6 ڏينهن وارن ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ڀارت کي ڊڪ ورٿ ليوس قانون جي تحت پنج وڪيٽن سان شڪست ڏني هئي ۽ انهيءَ ميچ ۾ اهو واقعو پيش آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Starting a presentation with PCB regarding presentation

پي سي بيءَ جي حوالي سان پريزنٽيشن جي تياري شروع

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) بين الصوبائي رابطن واري وزارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سمورن معاملن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے