19 پیر , فروری 2018

آئي فون ايڪس جهڙو انتهائي سستو سمارٽ فون  متعارف

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ايپل جو سڀ کان مهانگو ۽ بهترين ٽيڪنالوجي کان سمارٽ فون آهي جنهن جي قيمت هڪ هزار ڊالر(هڪ لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان شروع آهي. پر ڇا توهان آئي فون ايڪس جهڙي خوبصورت ڊيزائن وارو فون صرف 20 هزار رپين جي اندر خريد ڪرڻ پسند ڪندو. جڏهن ته اوڪي ٽيل يو 18 نالي سان فون ڏسڻ ۾ ته آئي فون ايڪس جهڙو آهي پر ان جي قميت ايپل فليگ شپ فون جي مقابلي ۾ 80 سيڪڙو گهٽ آهي. يو 18 بيزل ليس ڊسپلي ۽ آئي فون ايڪس جي موجود ٽيڪنالوجي فيس آئي ڊي( منهن سان شناخت ڪري ڊيوائس ان لاڪ ڪرڻ واري ٽيڪنالوجي)  تي ٻڌل آهي. ۽ هن جي اسڪرين جي مٿان اهو نوچ به ڏنو ويو آهي جيڪو آئي فون ايڪس ۾ ڪئميرا ۽ منهن جي سڃاڻپ واري هارڊويئر لاءِ ڏنو ويو آهي. اصل ۾ هي ٻئي فون ڏسڻ ۾ ايتريون ملن ٿيون جو ان جي سڃاڻپ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن هڪ ٻئي سان گڏ رکيل هجن. چيني ڪمپني جي فون ايپل جي ڊيوائس جي مقابلي ۾ ڪجهه وڏو آهي. اهڙي طرح يو18 “ فنگر پرنٽ اسڪينر به موجود آهي  جيڪو آئي فون ايڪس ۾ ايپل ۾ نه هو. اهري طرح يو18 اينڊيرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ٿي هلندو آهي جڏهن يو ايس بي سي پورٽ چارجنگ لاءِ ڏني وئي آهي. هي فون بليڪ ۽ گولڊ رنگن ۾ دستياب آهي. هن جي قيمت 180 ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي جيڪي پاڪستاني 20 هزار رپيا هوندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ ايس9 ۾ آئي فون ايڪس کان مهانگو ترين فيچر شامل

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)مشهور ڏکڻ ڪورين جي ڪمپني”سام سنگ“ پنهنجي نئي ماڊل ”گيلڪسي ايس9“ ۾ اضافي فيچر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے