19 پیر , فروری 2018

سنڌ حڪومت وڌيڪ 200 اسڪول نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ارلي چائلڊ هوڊ پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، وڌيڪ 200 اسڪول  پرائيوٽ مئنيجمنٽ حوالي ڪرڻ جو فيصلو،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي پٺتي پيل طبقن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، تعليم، هنر ۽ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾  18-2014ع ۾ شروع ڪيل سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام ۽ نتيجن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته هُو اسڪولن ۾ داخلا ۾ واڌ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون ۽ ان مقصد لاءِ 4650 اسڪولن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن جي انفرااسٽرڪچر کي يقيني بڻايو ويندو جيئن  اسڪولن ۾ شاگردن کي بهتر ماحول مهيا ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته  اسان اڄ چوٿين صنعتي انقلاب واري دور ۾ آهيون ۽ وڏي پئماني تي تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ جن سان ان وقت گلوبل انڊسٽريز متاثر ٿي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ان سان ملازمتن تي به گهڻو اثر پوندو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ڪري بيروزگاريءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ري-اسڪل ۽ اپ-اسڪل سبب ڪارڪنن کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته حڪومتي سطح تي ٽيڪنالاجي ذريعي ملازمن کي اپ-اسڪل ۽ ري-اسڪل لاءِ مسلسل ڪوشان آهيون. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمورن پوسٽ پرائمري اسڪولن کي سائنس ليب ۽ آءِ سي ٽي ليب فراهم ڪيون وڃن ته جيئن شاگردن کي سکڻ جا بهتر موقعا ملي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي اڃا به وڏي انگن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن ۽ بيروزگار نوجوانن جي صورت ۾ وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته اهو حڪومت لاءِ ڊولپمينٽ پارٽنرز ۽ سول سوسائٽي لاءِ تمام اهم آهي ته اهي گڏجي انهن چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن ورلڊ بينڪ جا تعليم ۽ اسڪلز واري شعبي ۾ مالي ۽ فني سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا.   هن چيو ته اسان بينڪ جي سهڪار سان ارلي چائلڊ هوڊ لاءِ  وڏي پئماني تي اپائن کي حتمي شڪل ڏني آهي. سنڌ نيوٽريشن پروگرام تحت مائرن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ کي بهتر بڻائي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته تعليم جي حوالي سان اسان هڪ ”ارلي چائلڊ هووڊ“ پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وڏي وزير چيو ته هن وقت 14 اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پارٽنر هلائي رهيا آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت تمام خرچ بشمول تدريسي ۽ غيرتدريسي عملي جون پگهارون، بجلي جا بل ۽ سارسنڀال جا خرچ برداشت ڪندي آهي. هن چيو ته 200 وڌيڪ اسڪولن کي پرائيوٽ مئنيجمنٽ تحت ڏنو ويندو. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر  سنڌ سرڪار جي تعليم لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ جو سبب ن ليگ سرڪار آهي: حنا کر

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته مسلم ليگ ن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے