23 اربع , مئي 2018

مظلومن جي ماءُ عاصمه جهانگير اڄ ڌرتيءَ جي هنج سنڀاليندي، سنڌ جي سرڪاري تدفين جي سفارش

لاهور/ڪراچي (م ڊ) مظلومن جي امڙ عاصمه جهانگير اڄ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ سمهندي، سنڌ حڪومت وفاق کان عاصمه جي تدفين سرڪاري سطح تي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سوڳ ۾ سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو، مليل اطلاعن موجب عاصمه جهانگير جو مڙهه اڄ مٽي ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ سندس ڌيءُ جي لنڊن مان موٽڻ جو انتظار آهي. جنازي نماز قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحومه جي خاندان جماعت اسلامي جي باني سيد ابولااعليٰ مودودي جي پٽ کي جنازي نماز پڙهائڻ جو چيو آهي، جيڪو نماز جي امامت ڪندو. هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته  ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير کي سرڪاري اعزاز سان دفن ڪيو وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت ان لاءِ هڪ ڏينهن سوڳ جو به اعلان ڪيو آهي. هن عاصمه جهانگير جي تدفين جي دوران 13 فيبروري 2018ع تي قومي جهنڊي کي سرنگون ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جمهوريت ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جون خدمتون وسرڻ جوڳيون ناهن۔ اهو خط وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي فيڪس ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪوريئر ذريعي پڻ اماڻيو ويو آهي. هوڏانهن سماجي ۽ وڪيل اڳواڻ عاصمه جهانگير جي فوتگي جي سوڳ ۾ ڪراچي جي عدالتن ۾ ڪارروايون بند ڪيون ويون. سنڌ بارڪائونسل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ، ڪراچي بار ۽ ملير بار ايسوسيئيشن پاران عاصمه جهانگير جي فوتگي تي سوڳ واري اعلان کانپوءِ ڪراچي جي عدالتن ۾ ڪارروايون بند رهيون. عدالتن ۾ سوڳ سبب ٻڌڻي لاءِ پهتل سائلين کي واپس موٽڻو پيو. وڪيل برادري پاران عاصمه جهانگير جي درجن بلندي لاءِ دعا ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي وفات تي انتهائي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عاصمه جهانگير گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي. عاصمه جهانگير جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي آمريت خلاف، جمهوريت جي بحالي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهدن ۾ اسان جي ساٿ جي ساٿياڻي هئي. هن چيو ته عاصمه جهانگير جهڙيون بهادر ۽ بي مثال عورتن جو پيدا ٿيڻ هڪ معجزو آهي. عاصمه جهانگير جي بهادري، جرئت مندي، قانون، جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ بي مثال جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن جي کوٽ جو پورائو مشڪل آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه معروف قانوندان ۽ انساني حقن جي ترجمان بهادر عورت اڳواڻ عاصمه جهانگير جي اوچتي موت تي دلي صدمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عاصمه جهانگير هڪ يگاني عورت هئي، جيڪا بالادست صوبي جي گادي واري شهر ۾ رهندي به ملڪ اندر ڦاٿل مظلوم قومن، غريب طبقن، اقليتن جي انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے