19 پیر , فروری 2018

بينظير قتل ڪيس، ٻڌڻي اڻڄاڻايل عرصي تائين ملتوي

راولپنڊي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ سزائن خلاف جوابدارن، فريادي ۽ پ پ طرفان داخل درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل عرصي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس قاضي محمد امين ۽ جسٽس شاهد عباسي تي مشتمل ڊويزن بئنچ پ پ جي وڪيل سردار لطيف کوسا جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضع رهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل پوليس اهلڪارن سزا خلاف ۽ آزاد ڪيل جوابدارن نظربندي خلاف درخواستون داخل ڪرايون آهن. جڏهن ته پ پ ۽ اين آءِ اي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ ۽ جوابدارن کي سزائون گهٽ ٻڌائڻ خلاف درخواستون داخل ڪرايون آهن.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ جو سبب ن ليگ سرڪار آهي: حنا کر

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته مسلم ليگ ن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے