20 سومر , آگسٽ 2018

هوسڙي ويجهو جيءُ جهوريندڙ حادثو، سوزوڪي کي ڊمپر جو ٽڪر، 9 عورتن سميت 10 ڄڻا فوت

حيدرآباد/هوسڙي (رپورٽ: عتيق ملاح، روشن شورو) حيدرآباد ڀرسان انتهائي ڏکوئيندڙ روڊ حادثو، تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ سوزوڪي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، حادثي ۾ 9 پورهيت عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ننگريءَ سميت 3 عورتون زخمي ٿي پيون، پورهيت عورتن جا لاش ۽ خانگي ڪمپني پاران کين وڪرو ڪرڻ  لاءِ ڏنل سامان به روڊ تي عورتن جي لاشن سان گڏ پيل رهيو. حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان ويندڙ سوزوڪي سان حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي هوسڙي ڀرسان ملاح ڳوٺ وٽ حادثو پيش آيو. صبح جو 9 وڳي ڌاري مصالحا ڀاڀاز اسپيشل نالي ڪمپني جي سوزوڪي ۾ 13 عورتون ۽ هڪ مرد سامان کڻي ٽنڊو محمد خان سوزوڪي ذريعي وڪرو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان طرف ويندڙ روڊ تي هوسڙي ويجهو ملاح ڳوٺ وٽ تيز رفتار سوزوڪي ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ سوزوڪي ۾ سوار سمورا ماڻهو ڦاسي پيا، 9 عورتن ۽ سوزوڪي جي ڊرائيور ٿڏي تي دم ڏنو، حادثي جي نتيجي ۾ لطيف آباد نمبر 8 جي رهواسڻ 40 ورهين جي مسمات ساجده زال نورالدين، پڪي قلعي جي رهواسڻ 35 ورهين جي روبينا زال افضل، تلڪ چاڙهي جي رهواسڻ 38 ورهين جي شبانا زال محمد سليم، پڪي قلعي جي رهواسڻ 45 ورهين جي فريدا زال ولي محمد، ڊگهڙي جي رهواسڻ 22 ورهين جي شريمتي انيتا ڌيءُ دينو ميگهواڙ، گڊز ناڪي حيدرآباد جي رهواسڻ 24 ورهين جي ياسمين ڌيءُ رفيق شيخ، ڪوٽڙي جي رهواسڻ 48 ورهين جي حفيه، 38 ورهين جي نسرين زال اصغر لغاري، 32 ورهين جي ريحانه، لطيف آباد نمبر 8 جو رهواسي 34 ورهين جو ڊرائيور زبير ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ لطيف آباد 8 نمبر جي صديق پلازه جي رهواسڻ عورت سميت 2 ٻارڙيون زخمي ٿي پيون جن ۾ 12 ورهين جي صدف ۽ سائرا زخمي ٿي پيون جن کي حيدرآباد سول اسپتال علاج لاءِ داخل ڪيو ويو. ٿڏي تي فوت ٿيل هڪ مرد ۽ 9 عورتن جا لاش گاڏي مان ڪڍي مقامي ماڻهن روڊ تي رکيا بعد ۾ هوسڙي پوليس پهچي حيدرآباد مان ايمبولنسون گهرائي فوتين ۽ زخمين کي حيدرآباد سول اسپتال کڻائي وئي، ڪيتري ئي دير تائين پورهيت عورتن جا لاش ۽ زخمي روڊ تي پيل رهيا، سول اسپتال ۾ آندل لاشن جي هوسڙي پوليس ڪاغذي ڪارروائي ڪندي لاش وارثن حوالي ڪيا. اسپتال ۾ فوتين جا وارث پهتا ته هر طرف اڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ رڙيون هيون، جتي ڪينٽ پوليس، مارڪيٽ پوليس، رينجرس ۽ هوسڙي پوليس پهتل هئي، ان دوران فوتين جي وارثن روئيندي چيو ته اسان جون نياڻيون رڌ پچاءُ وارا مصالحه ٺاهيندڙ مصالحه ڪمپني ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ نڪتل هيون ۽ واپس انهن جا لاش پهتا آهن. سوين مقامي ماڻهو پهتا، جن لاشن کي ڏسي حيدرآباد کان ويندڙ بدين روڊ مڪمل سيل ڪري ڇڏيو ۽ ڳوٺاڻن حيدرآباد کان ويندڙ بدين روڊ تي هلندڙ ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ ڊي بلوچ ڪمپني جي ڊمپر مافيا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته 4 مهينا گذرڻ باوجود روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، روڊ کي هنڌان هنڌان ڪمپني ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ هر روز حادثا معمول بڻيل آهن، روز روڊ بلاڪ رهندو آهي، انتظاميا ڪڏهن به نه آئي آهي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے