19 پیر , فروری 2018

سنڌ ۾ هفتي اندر حادثن ۾ 38 ڄڻا اجل جو شڪار

حيدرآباد (سروي رپورٽ: عجاز چانڊيو) سنڌ ۾ روڊ حادثن ۾ گهٽائي نه آئي، 6 فيبروري 2018ع کان ڪالهه سومر تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊن حادثن ۾4 ٻارڙن ۽ 13 عورتن سميت 38 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 5 ٻارڙن ۽ 22 عورتن سميت 107 ماڻهو زخمي ٿي پيا. سنڌ جي رودن تي موت جو رقض جاري رهيو آهي، پر اختيارن ۽ اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ڪامورن ۽ وزيرن هن مسئلي کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي روڊن تي روز جي معمول جيان ٿيندڙ حادثا سنڌ جي حڪمران ڌر کي نظر نه اچي سگهيا، هر ڏينهن سنڌ جي روڊن تي موت جو رقص جاري آهي. گذريل 8 ڏينهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 21 مرد، 13 عورتون ۽ 4 ٻارڙا اهڙي خوني حادثن ۾ پنهنجون جانيون وڄائي ويٺا آهن، پر 8 ڏينهن دوران سڀ کان وڏو روڊ حادثو سومر جي ڏينهن حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي هوسڙي لڳ ٿيو، جتي هڪ ئي وقت هڪ سوزوڪي ۾ سوار 9 پورهيت عورتن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران روڊ حادثي تي ڏک جو اظهار، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد  ٽنڊو محمد خان روڊ تي حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان کي متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ويجهو ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيڻ تي تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پي پي پي چيئرمين، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ جو سبب ن ليگ سرڪار آهي: حنا کر

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته مسلم ليگ ن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے