20 سومر , آگسٽ 2018

اقتدار ۾ اچي سڀ کان پهريان رياستي ادارن کي ٺيڪ ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته مان قتدار ۾ اچي سڀ کان پهريان رياستي ادارن کي ٺيڪ ڪندس.اسلام آباد لائيز ڪلب افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته جمهوريت ۾ ادارا هوندا آهن ۽ احتساب ٿيندو آهي. جمهوريت ۾ بجيٽ هوندي وزيراعظم ۽ وڏي وزير وٽ صوابديدي فنڊ ناهن هوندا، مان سرمائيداري خلاف آهيان، ملڪ ۾ پلن يا روڊن رستن سان نه پر تعليم سان ترقي ٿيندي. پنجاب ۾ ان وقت تائين ڪجهھ به ناهي ٿيندو جيستائين رائيونڊ کان ڪو حڪم نه ٿو اچي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اميد آهي ته عدالت ۾ ايل اين جي ڪيس جي حقيقت سامهون اچي ويندي. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽويٽ ڪندي چيو ته اميد آهي ته عدالت ۾ ايل اين جي ڪيس جي جاچ سامهون اچي ويندي. هن چيو ته عوام بيچيني سبب ڳجهي معاهدي جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو. قطر سان ڪيل اربين رپين جي ڊيل ۾ بي انتها شڪ شبها آهن. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ اُن وقت تائين ڪجهه به ناهي ٿيندو جيستائين رائيونڊ مان حڪم نٿو اچي، اقتدار ۾ اچي سڀ کان پهرين ادارن کي مضبوط بڻائينداسين. تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسلامي رياست تي يقين رکان ٿو جڏهن جمهوريت ۾ بجيٽ هوندو آهي، صوابديدي فنڊ ناهن هوندا. خيبرپختونخواهه ۾ اين ٽي اي تحت ڀرتيون ٿي رهيو آهن ۽ اسان جي صوبي جي پوليس مثالي بڻجي چڪي آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ڪور گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عمران خان پارٽي ميمبرن کي اهم ذميواريون ڏنيون. تفصيل موجب عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل پارٽي جي ڪور گروپ اجلاس ۾ چئني صوبن ۾ پي ٽي آءِ جا ترجمان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب فواد چوڌري کي پارٽي جو مرڪزي سڌُ سماءَ وارو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد خيبرپختونخواهه جو ترجمان هوندو. اجلاس ۾ شفقت محمود کي پارٽي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نون ميمبرن جي شموليت باب عارف علوي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪور گروپ اجلاس ۾ شهباز شريف خلاف ڪيس داخل ڪندي هلندڙ هفتي حديبيه پيپر ملز ڪيس عدالت ۾ فائل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.04

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے