20 سومر , آگسٽ 2018

لوڌران ۾ وڏو اپ سيٽ، ن ليگ پي ٽي آءِ کان جهانگير ترين جي سيٽ کسي ورتي

لوڌران (م ڊ) لوڌران جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 154 تي ضمني چونڊ ۾ تحريڪ انصاف کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جي سيد اقبال شاهه 113542 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار علي ترين 85933 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي اچي ويو. ٻن پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا اچڻ اڃان باقي پوئتي آهن، آيل نتيجن موجب ن ليگ اميدوار پي ٽي آءِ اميدوار کي 27609 ووٽن تان شڪست ڏئي سوڀ ماڻي ورتي آهي. ضمني چونڊ ۾ 4 لک 31 هزار 2 ووٽرز لاءِ 338 پولنگ اسٽِيشنون قائم ڪيون ويون هيون. جهانگير ترين ساڳي تڪ تي 2015 ۾ ضمني چونڊن دوران ن ليگ جي صديق بلوچ کي 40 هزار ووٽن تان شڪست ڏني هئي.0430

سرائڪي بيلٽ ۾ ڪمند جي آبادگارن جي انتقام جو پهريون شڪار

جائزو- ڊاڪٽر ايوب شيخ: لوڌران جي علائقي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اميدوار علي ترين جيڪو پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جو فرزند آهي، تنهن جي ڪالهه قومي اسيمبلي سيٽ تي شڪست کي رحيم يار خان وارا ”ڪمند سياست جو پهريون شهيد“ سڏي رهيا آهن، جڏهن ته عوام جي اڪثريت ووٽنگ مهل اهو پڻ چيو ته اسان نواز شريف جون ملون بند ڪرائڻ جو پلئه وٺي ڇڏيو آهي، باقي پلاند هو پاڻ وٺي. انتهائي ڄاڻو حلقن ان چونڊ کي” ڪارپوريٽ زميندار جي زرعي انقلاب ۾ شڪست“ سڏيو آهي. رحيم يار خان مان مليل خبرن موجب جناب جهانگير ترين جي شڪست اصل ۾ ڪمند آبادگارن پاران مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جو نتيجو آهي. اهي ان کي ڪمند آبادگارن هٿان پهريون سياسي ”شهيد“ چئي رهيا آهن. انهن حلقن موجب ميان نواز شريف  جون ڪمند جون ٽي شگرملون هيون جيڪي رحيم يار خان ۾ (چوڌري شگر ملز)، جتوئي مظفر ڳڙهه ۾ ( حسيب وقاص شگر ملز) ۽ ڳوٺ چنيءَ لڳ بهاولپور ۾ ( اتفاق شگر ملز) کي جهانگير ترين بند ڪرايو هو. گذريل سال انهن ملن جي ڪري هن سال آبادگارن 2 لک ايڪڙ ڪمند پوکيو هو جنهن جي ماليت 40 ارب آهي، آبادگارن کي ڪمند نه کڻڻ ۽ ان جي گهٽ اگهه ملڻ ۽ جهانگير ترين جي رحيم يار خان جي ٻن ملن جي ڊي ڊبليو ( جمالدين والي) شگر ملز ۽ يونائيٽد شگر ملز پاران ڪمند نه کڻڻ يا گهٽ اگهه ڏيڻ جي ڪري هزارين آبادگارن ۾ جهانگير ترين خلاف نفرت پيدا ٿي ويئي هئي جنهن جو اظهار انهن هارين ۽ آبادگارن پاران ڪالهه لوڌران جي چونڊن ۾ ڏنو ويو.

چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ تي ڏنڊ

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 154 ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 154 ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اميدوار علي ترين تي 40 هزار رپيه ۽ ن ليگ جي اميدوار اقبال شاهه تي 30 هزار رپيه ڏنڊ وڌو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ٻنهي اميدوارن چونڊ مهم لاءِ پارليامينٽرينز کي گهرائي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي. عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جيڪي جواب جمع ڪرايا اهي اطمينان جوڳا نه آهن. اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. 0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے