22 منگل , مئی 2018

عاصمه هر ڊڪٽيٽر کي للڪاريو، مشرف تي غداري جو ڪيس هلايو وڃي: لاڙڪاڻي ۾ ريفرنس

لاڙڪاڻو (پ ر) عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ نالي واري قانوندان عاصمه جهانگير کي انساني حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ آمريتن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو، وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته آئين سان غداريءَ واري ڪيس ۾ ملوث آمر پرويز مشرف کي گرفتار ڪري ملڪ واپس آڻي ان جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائي آمريتن جي خلاف جدوجهد ڪندڙن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ عاصمه جهانگير جي تدفين سرڪاري اعزاز سان ڪئي وڃي. اهڙو مطالبو پ پ سٽي لاڙڪاڻو پاران سر شاهنواز ڀٽو لائبريري آڊيٽوريم ۾ عاصمه جهانگير بابت تعزيتي ريفرنس جي تقريب ۾ قراردادون پيش ڪندي ڪيو ويو. قرارداد ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير جونالو ڪنهن اداري يا انسٽيٽيوٽ سان منسوب ڪيو وڃي. تعزيتي ريفرنس ۾ وفاقي حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عاصمه جهانگير جي خدمتن جي مڃتا عيوض هڪ يادگار ٽيڪٽ پڻ جاري ڪئي وڃي. تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب ۾عاصمه جهانگير لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته عاصمه جهانگير آمر يحيٰ کان وٺي آمر پرويز مشرف تائين هر ڊڪٽيٽر کي للڪاريو ۽ آمريتن جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري آواز اٿاريو، ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. هن چيو ته عاصمه جهانگير اصول پرست بهادر شخصيت جي مالڪ هئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالفتاح ڀٽو چيو ته عاصمه جهانگير جهڙيون شخصيتون تاريخ ۾زنده رهڻ جهڙيون آهن. هن چيو ته عاصمه جهانگير جمهوريت خاطر آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ عدليه بحالي تحريڪ سميت انساني حقن لاءِ پڻ ڀرپور آواز اٿاريو، پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به ڊڪٽيٽرن من مانيون ڪيون تڏهن عاصمه جهانگير آمرن کي للڪاريو. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نالي واري وڪيل عنايت موريو چيو ته عاصمه جهانگير  هميشه جمهوريت جي علمبردار رهي. لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري رفيق ابڙو چيو ته عاصمه جهانگير پاران آمرن جي خلاف آواز اٿارڻ تي نظربنديون برداشت ڪيون پر هن ڪنڌ نه جهڪايو. پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪينه گاد ۽ توقير فاطمه ڀٽو چيو ته عاصمه جهانگير نظرياتي، اصول پسند بهادر شخصيت جي مالڪ هئي. تقريب کي ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکرخطاب ڪندي چيو ته عاصمه جهانگير آمريت جي خلاف ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ هئي جنهن عدالتن اندر پڻ جنرلن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ميئر لاڙڪاڻي اسلم شيخ ۽ پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر نورالدين ابڙو چيو ته عاصمه جهانگير هڪ نظريو ۽ جمهوريت جي شمع هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے