22 منگل , مئی 2018

ساماري ۾کليل آسمان هيٺ عورت جي ويم جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

سامارو (ن ع آ ) ساماري تعلقي اسپتال جي گيٽ آڏو روڊ ڀرسان جهنگ ۾کليل آسمان هيٺ ٻار کي جنم ڏيڻ واري مامري جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سخت نوٽيس ورتو آھي، ڊي سي عمرڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، جنهن کانپوءِ ڊي سي عمرڪوٽ جي حڪم تي اي سي سامارو جهامن داس سونارو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر سليم شيخ، مختيارڪار سامارو امداد سيال، تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪيلاش ڪمار سان گڏجي سامارو لڳ متاثر ڳوٺ پير سرهندي ۾ متاثرن وٽ پهچي ويا ۽ متاثرن سان ملاقاتون ڪيون، ٻئي طرف ذريعن موجب ڳوٺاڻن جاچ ٽيم ۾شامل صحت کاتي سميت ساماري جي انتظاميا تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيو آھي، ڳوٺاڻن موجب صحت کاتي وارا ظلم ڪري رهيا آھن، اهي پٽي ڀائرن کي بچائڻ لاءِ ھٿ پير هڻي رهيا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان به حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پشاور (م ڊ) فاٽا بل جي معاملي تي مسلم ليگ ن سان اختلاف پيدا ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے