20 سومر , آگسٽ 2018

ايم ڪيو ايم خالد مقبول جي ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن ۾ به رجسٽرڊ، سياست مان پئسا ڪڍي ڇڏيا: ڪنوينر

ڪراچي (رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن خالد مقبول صديقي کي اڪثريت سبب ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر قبولي ورتو، پارٽي به سندس نالي سان ئي رجسٽرڊ ٿي وئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪاميٽي جي نئين چونڊيل ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان چونڊن واري سياست مان پيسن ۽ وسيلن کي مائنس ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڪميشن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي درخواست کي منظور ڪندي خالد مقبول صديقي کي پارٽي جي ڪنوينر طور قبولي ورتو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رجسٽريشن خالد مقبول صديقي جي نالي تي ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته آئون نٿو سمجهان ته اهڙين حالتن ۾  ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به تڪرار ۾ وچڙڻ گهرجي. خالد مقبول صديقي چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اِها 8 نومبر جي ٻئي قسط هئي پر ائين ناهي. هن چيو ته تڪراري ڳالهه ٻولهه نٿو ڪرڻ چاهيان پر اسان جي طرفان ڪوشش نظر پئي آئي جڏهن ته ٻي ڌر انتظار ڪرائيندي رهي اهو به نظر پئي آيو. هن چيو ته ڪارڪنن جو مقابلو نٿا ڪرڻ چاهيون پر شخصيتن سان نه هاڻي پارٽي مڪمل طور تي جمهوري انداز ۾ هلندي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ ضروري آهي جيئن وضاحت ٿئي ته آئيني طور تي ڪير ڪنهن کي ڪڍي ٿو سگهي. هوڏانهن اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۽ سينيٽ چونڊن لاءِ ريٽرننگ آفيسر يوسف خٽڪ جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ٽڪيٽ جو اختيار خالد مقبول صديقي کي ڏنو ويو آهي، هاڻ ڪير ڪنهن ٿو هٽائي يا مقرر ڪري اهو انهن جو ڪم آهي پر ايم ڪيو ايم جا سمورا اميدوار خالد مقبول جي صحيح تي آيا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عارف علوي باضابطا طور صدارتي اميدوار نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے