21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آبادگار انصاف گهرن ٿا

ڪمند جي اگهه واري معاملي تي حڪومت سان آبادگارن جي ڪيئي ڀيرا ٿيل ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪرڻ کانپوءِ معاملو عدالت ۾ پهتو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن کي جتي  في مڻ ڪمند 160 رپين جي حساب سان خريدڻ جي واضح حڪمن باوجود شگر مل مالڪ عدالت ذريعي طئي ٿيل  اگهه تحت ڪمند خريد ڪرڻ کان به نابري واريو بيٺا آهن.

ايوان زراعت سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر شگر مل مالڪن جي رويي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سرڪار کان ۽ عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته طئي ٿيل اگهه تحت شگر ملن طرفان کانئن ڪمند جي خريداري يقيني بڻائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس جيڪو مرڪزي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر شاهنواز شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ وڊيو لنڪ ذريعي ان اجلاس ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، سکر ۽ گهوٽڪي جي آبادگارن به شرڪت ڪئي، تنهن ۾ پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن جي  رويي تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو ويو  ۽ مطالبو ڪيو ويو ته نه رڳو طئي ٿيل اگهه يعني 160 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند جي خريداري يقيني بڻائي وڃي پر جيئن ته ڪڻڪ جو فصل به ايندڙ مهيني کان لهڻ وارو آهي، تنهن ڪري ان جي به سرڪار جي مقرر ٿيل امدادي اگهه تحت خريداري يقيني بڻائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ ورتا وڃن ۽ بارداڻي جي به آبادگارن کي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

هيءَ ملڪ، خاص ڪري سنڌ هڪ زرعي خطو آهي، جتي جي ماڻهن جي رزق ۽ روزگار جي حساب سان صدين کان وٺي دارومدار زراعت تي ئي پئي رهيو آهي، سنڌوءَ جي ڪري ۽ سنڌ ۾ زبردست  آبپاشي نظام هئڻ ڪري هتي ڪچي توڙي پڪي جا ماڻهو پوکي راهي ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا پئي رهيا آهن، ڪڻڪ، چانور، ڪمند، ڪپهه، سرنهن، ڄانڀو، سبزيون، ميوا، مطلب ته هر اهو فصل ۽ پوک سنڌ ۾ ٿيندي رهي آهي، جنهن کان اڄ به دنيا جا ڪيئي ملڪ ۽ خطا محروم آهن.

ايتري قدر جو ماڻهن جون خوشيون به فصلن سان سلهاڙيل هونديون هيون، اسان وٽ فصل جي حساب سان شادين جون تاريخون طئي ڪرڻ يا وري فصل لهڻ شرط باسن بهاني درگاهن، مزارن تي حاضريءَ واري تفريح ڪرڻ جو رواج به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، پر گذريل چند ڏهاڪن کان سرمائيدار دوست پاليسين جي ڪري هڪ ته زراعت جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، ٻيو ته زراعت تي دارومدار رکندڙ سکيا ستابا خاندان به ڄڻ ته فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ ڪري بيوس ۽ لاچار ٿي پيا آهن.

هڪ ته ڪارخانيدارن جي هڪ هٽي، ٻيو ته ڪمزور سرڪاري پاليسين، ٽيون فصل جي اپت وڌائڻ لاءِ ڪتب ايندڙ زرعي دوائن جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگهه ۽ غيرمعياري زرعي دوائن جي سرعام وڪري زراعت جي تباهيءَ ۾ اهم ڪردار پئي ادا ڪيو آهي.

هئڻ ته ايئن گهرجي  ها ته وقت گذرڻ سان گڏ زراعت ۾ ڪي نت نوان لاڙ متعارف ڪرايا وڃن ها. في ايڪڙ اپت وڌائڻ لاءِ ڪي جديد طور طريقا ڪتب آندا وڃن ها، آبادگارن کي جنس جي مناسب اگهن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪو مڪينزم هجي ها، جنهن تان جي ڪير ٿڙي ها ته ان کي قانوني ڪارروائيءَ کي منهن ڏيڻو پئي ها، پر هتي چرخو ئي الٽو پيو هلي، هڪ ته آبادگارن کي جنس جا مناسب اگهه نه ٿا ملن، ٻيو وري پاڻيءَ  جي کوٽ جي ڪري سندن فصلن کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو، تنهن به سندن سور سوايا ڪيا آهن.

ڪارخانيدار کي پنهنجي من ماني ڪنهن به ريت هلائڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي، سرڪار کي آبادگارن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڪمند جو عدالت طرفان طئي ٿيل اگهه ڏيڻ کان نابري واريندڙ کنڊ جي ڪارخانن جي مالڪن خلاف  سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، نه رڳو ايترو پر هر سال سارين، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو جيڪو امدادي اگهه طئي ڪيو وڃي ٿو، تنهن تي جيئن جو تيئن عمل يقيني بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. ٻيو ته مارڪيٽ ۽ آباگار جي وچ ۾ ” دلال“ وارو جيڪو ڪردار آهي، سو ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن واپاري زرعي جنس خريدڻ لاءِ وچين ماڻهو  بدران هاري ۽ آبادگار  سان سڌو رابطو ڪري، ايئن ڪرڻ سان هاري ۽ آبادگار جي حصي جي رقم جيڪا وچون ماڻهو کنيو وڃي ٿو سان بچندي.

سرڪار کي سوچڻ گهرجي ته ٻاهران جڏهن ٽماٽا گهرائي مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا ته اهي سوَ کان مٿي ڪڏهن ڪڏهن ٻه سئو رپيا في ڪلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿين ٿا  پر جڏهن اهو ٽماٽو، بصر يا ڪو به فصل پنهنجو لهي ٿو ته هڪ منظم رٿا بندي تحت واپاري اگهه ڪيرائي سستي اگهه تي خريد ڪري ٻاهر مهانگي اگهه  ۾ وڪرو ڪري پاڻ ته ڪمائن ٿا پر جنهن هاري ۽ آبادگار محنت ڪري فصل اپايو، تنهن جا هٿ خالي ئي رهجي وڃن ٿا،  سو اهڙي ناانصافيءَ واري روش ختم ڪرڻ لاءِ به جامع اپائن جي ضرورت آهي.

اڱارو 13 فيبروري  2018ع، 26 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے