22 منگل , مئی 2018

چيني پوليس ڏوهارين کي سڃاڻيندڙ عينڪ پهرڻ شروع ڪري ڇڏي

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چيني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن چهري جي سڃاڻپ ڪندڙ فيس ريڪگنيشن ٽيڪنالوجي کي هڪ درجو وڌائيندي عابدي ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن سائنس فڪشن فلم وانگر هاڻي چيني پوليس اهلڪار هڪ اهڙو اس وارو چشمو پهريل آهن جنهن ۾ اعليٰ معيار جو ڪيمرا لڳل آهي جيڪو خطرناڪ ڏوهارين جي تصوير جي هڪ ڊيٽا بيس سان ڳنڍيل آهي.  پوليس اهلڪار ڪنهن به شڪي شخص کي ڏسندي ئي سندس عادي ڏوهاري هئڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سن گلاس هڪ موبائيل اوزار سان جڙيل آهن جنهن ۾ آف لائن فيس ڊيٽا موجود آهي جيڪو ڪنهن به انٽرنيٽ کانسواءِ فوري عمل ڪندو آهي. شروعاتي طور تي هڪ ئي هنڌ تي ست اهڙا ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا جيڪي واردات ڪري ريلوي اسٽيشن تان ڀڄي رهيا هئا. عينڪ ۾ مصنوعي ذهانت آرٽي فيشل ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي پر ان سان غلطي ۾ معصوم ماڻهو پڪڙجڻ جو به امڪان آهي تنهن ڪري پوليس اهلڪار شڪي ماڻهن جي چڱي نموني تصديق ڪندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس حفاظتي انتظامن لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سمورن صوبن کي پوئتي ڇڏي ڏنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے