22 منگل , مئی 2018

ڪپڙن کي رنڱيندڙ ڪيميڪل مليريا خلاف موثر ثابت

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته  نيري رنگ جو هڪ عام استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل ڊاءِ ميٿائلين بلو تيزيس ان مليريا جو سبب بڻجندڙ پيرا سائٽ کي تباهه ڪندو آهي ۽ ان سان انسانن تي ڪي به ناڪاري اثر مرتب ناهن ٿيندا. آفريقي ملڪ مالي۾ آمريڪي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ ريڊ بائونڊ يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي ماهرن مليريا جي ڪيترن مريضن جو ان رنگ سان ڪامياب علاج ڪيو آهي. هن چيو ته ڊاءِ ميٿائلين بليو کي هڪ ٻئي چيني ڪيميڪل ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان کي مليريا جي مختلف مريضن تي آزمايو ويو جنهن بعد مريض ٻن ڏينهن جي اندر شفا حاصل ڪئي. هڪ ٻئي اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ٻيون ڀيرو مڇر ڏنگي تڏهن به مليريا ٻئي مريض تائين نه ڦهلجندي. ماهرن اها سموري تحقيق لينسٽ نالي سائنسي رسالي ۾ شايع ڪرائي آهي ۽ ان کي مليريا جي خاتمي ۾ اهم قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس حفاظتي انتظامن لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سمورن صوبن کي پوئتي ڇڏي ڏنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے