21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ : سائيٽ ايريا ڪوٽڙيءَ جي ليبر ڪالوني گندگيءَ جي ور چڙهي وئي، هر طرف گندگيءَ جا ڍير لڳل

ڄامشوري ضلعي جي اڪثر شهرن ۾ صفائيءَ جي حالت انتهائي بدترين صورت اختيار ڪري چڪي آهي، گندگيءَ سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي………،

ضلعي جي مختلف شهرن مان ڪوٽڙي سائٽ ايريا ۽ ليبر ڪالونيءَ وارو علائقو پڻ گندگيءَ جي ور چڙهيل آهي………………،

پيش آهي نويد راجپوت جي هيءَ رپورٽ…………..،

     ڪوٽڙ سائٽ وارو علائقو  جيئن ته صنعتي علائقو هجڻ ڪري وڌيڪ اهميت وارو علائقو آهي، جڏهن ته صنعتي علائقي هجڻ ڪري اتي وڌيڪ صفائيءَ جو انتظام هجڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ ڪوٽڙ سائيٽ ليبر ڪالونيءَ وارو علائقو  وڌيڪ گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي، جتي هر طرف گندگيءَ جا ڍير ڏسڻ ۾ اچن ٿا………….

ڪوٽڙي سائيٽ جي ليبر ڪالونيءَ واري علائقي جو عوام گندگيءَ ڪري سخت مشڪلاتن واري زندگي گذاري رهيو آهي، ڪالونيءَ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ايم سي ٻولهاڙي جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود صفائي نظر نه ٿي اچي………

ليبر ڪالونيءَ جي رهواسين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي گندگيءَ ۽ يوسي چيئرمين جي ڪرپشن متعلق دانهو آهي………….

ليبر ڪالونيءَ جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي فوري طور تي گندگيءَ جا ڍير کڻائي صفائي ڪرائي وڃي ۽ ٻولهاڙي يو سي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي وڃي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے