22 منگل , مئی 2018

نيوز : حيدرآباد:  المناڪ  حادثو، 11 ماڻهو اجل جو شڪار

هوسڙي ويجهو ٽنڊو محمد خان روڊ تي خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 8 عورتن سميت 11 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا آهن………

 حادثو مسافر سوزوڪي کي ڊمپر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي.

 حادثي جي نتيجي ۾11 مسافر فوت ٿيا آهن جن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار شامل آهن، جڏهن ته  ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

 فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن  ته ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

شروعاتي اطلاعن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يارهن فوتين مان 8 عورتون، 2 ٻارڙا ۽ 1 ڊرائيور شامل آهن.

مسافر سوزوڪي ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد اچي رهي هئي ته  تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر لڳڻ سبب  سوزوڪي تباهه ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Thatta: The meeting was summarized on the avoidance of heat cooling under the ECDC

نيوز: ٺٽو: اي ڊي سي ون جي صدارت هيٺ گرمي جي لهر کان بچڻ بابت اجلاس ڪوٺايو ويو

ٺٽي ۾ انتظاميا پاران سخت گرمي جي لهر کان بچڻ لاءِ انتظامين جي جائزي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے