25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز : مدئجي: ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان واپاري قتل،

*مدئجي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان واپاري قتل ٿي ويو .

ٽي شاخي بس اسٽاپ ڀرسان ڳاهيجا ڊکڻ لنڪ روڊ تي هٿياربندن  ڳوٺ نبي آباد جي رهواسي اناج جي واپاري سعيد عباسي کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي .

 ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هني واپاري کي زخمي ڪري ڇڏيو .

واپاري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي  فوت ٿي ويو .

قانوني ڪارروائي بعد واپاري جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته ڳوٺاڻا ۽ پوليس پيرا کڻي هٿياربندن جي پٺيان ويل آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiyaCityMissingGirl

نيوز | ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج

ڀرياسٽي ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے