20 سومر , آگسٽ 2018

نيوز : ڪراچي:ٽينڪر جو ٽڪر لڳڻ سبب چڪرا ڳوٺ واسي ٻالڪ فوت وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو،

*ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ٽينڪر جو ٽڪر لڳڻ سبب ٻالڪ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

زمان ٽائون ٿاڻي جي حد چڪراڳوٺ ۾ ٽينڪر جي ٽڪر سبب ٻئين  ڪلاس جو شاگرد سعود عباسي چيباٽجي فوت ٿي ويو.

 واقعي ۽ پوليس پاران ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف فوتي نيگر جي وارثن سندس لاش رکي ڪورنگي روڊ چڪراڳوٺ وٽ ڌرڻو ھنيو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي فوتي نيگر جي پيءُ اختر عباسي ، مامي سڪندر ، منير مگسي ، ولي راجپر ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ ٽيئنڪرن جا حادثا روز جو معمول  بڻجي ويا آھن

 ھنن مطالبو ڪيو ته ،ڪيس داخل ڪري   ٽينڪر ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mirpur Bathoro: Really against dismissing the workers of Town Committee

نيوز: ميرپور بٺورو: ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ خلاف ريلي

ميرپور بٺوري ۾ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے