19 پیر , فروری 2018

پي ايس ايل فائنل لاءِ ڪراچيءَ ۾ فل ڊريس ريهرسل، هوائي نگراني

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشنل جي فائنل ميچ لاءِ فل ڊريس ريهرسل ڪئي وئي. پوليس ۽ رينجرز جي هزارين اهلڪارن کي نيشنل اسٽيڊيم جي ڀرپاسي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سول سينٽر، ڊالميا، ڪارساز ۽ نيو ٽائون کان اسٽيڊيم طرفان ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪيو ويو آهي. نيشنل اسٽيڊيم جي مرڪزي عمارت ۾ ڪنهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي جڏهن ته پي ايس ايل فائنل جي ريهرسل لاءِ سڪيورٽي قافلو ايئرپورٽ کان هوٽل لاءِ روانو ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي سڪيورٽي ماهرن به شرڪت ڪئي. هيليڪاپٽرز به سڪيورٽي ڊريس ريهرسل جي نگراني ڪئي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موبائيل اسپتال موجود آهي جتي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو مقرر آهي جڏهن ته فوري ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري به موجود آهي. فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس به نيشنل اسٽيڊيم ٻاهران موجود آهي جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ اسٽيڊيم جي اندر ويندڙ گاڏين جي جهڙتي ورتي. 25 مارچ تي رٿيل فائنل ميچ جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي ماهر ريگ ڊڪاسن به موجود رهيو. صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال به سڪيورٽي انتظامن جي جائزي لاءِ ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم جو دورو ڪيو. پرڏيهي ماهر ريگ ڊيگاسن سڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ آءِ سي سي کي موڪليندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

توهين عدالت ڪيس: طلال چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ممڪلتي گهرو وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے