24 خميس , مئي 2018

عمران خان نواز شريف سان عوام جو پيار ڏسي ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام پنهنجي  قائد اعظم محمد علي جناح کي جيترو پيار ڏئي رهيو آهي، عمران خان اهو ڏسي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف سان حسد ڪندڙ پنهنجي صوبي جي ترقياتي بجيٽ جو 60 سيڪڙو به استعمال نه ڪري سگهيا، ايم او يو مان بجلي ۽ فزيبلٽي سان ميٽرو بڻائيندڙ محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، شهباز شريف تي تنقيد ڪرڻ کان پهرين شهباز شريف جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريو، عوام محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان طرفان لوڌرا جلسي ۾ مسلم ليگ ن تي تنقيد جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان نواز شريف تي اقامي جو الزام لڳايو، جنهن جي جلسي سان هو خطاب ڪري رهيو هو ان کي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي نااهل ڪيو ويو، موروثي سياست تي ليڪچر ڏيڻ وارا ڪهڙي منهن سان جهانگير ترين جي پٽ جي جلسي ۾ تقرير ڪري رهيا هئا، ڪا شرم ڪا حيا هوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے