21 بدھ , فروری 2018

هڪ ئي وقت ٽي طلاقن کي ڏوهه قرار ڏنو ويندو: اسلامي نظرياتي ڪونسل جو چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين قبله اياز جو چوڻ آهي ته هڪ ئي وقت ٽي  طلاقن کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويندو جنهن لاءِ جلد ئي بل به پارليامينٽ ۾ پيش ڪنداسين. بي بي سي اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته ان سلسلي ۾ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن جيڪي جلد ئي پارليامنيٽ ۾ پيش ڪيون وينديون، اسان ان تي بل تيار ڪري رهيا آهيون جيڪو قانون واري وزارت ڏانهن موڪليو ويندو ۽ ان تي سزا تجويز ڪئي ويندي جنهن بعد هڪ ئي وقت ٽي طلاق ڏيڻ سزا جوڳو ڏوهه هوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته هڪ ئي وقت ٽي طلاقون ڏيڻ واري صورت ۾ طلال ٿي ويندي تنهن هوندي ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو عدالت ۾ قاضي ڪندو.  سندس چوڻ هو ته بدقمستي سان اهو تاثر پکڙجي رهيو آهي ته اسن رڳو عورتن کي ئي بحث جو موضوع بڻايو آهي پر اسان عورتن جي حقن بابت سفارشون به مرتب ڪيون آهن ان کان سواءِ اسان معيشت ۽ تعليم جي حوالي سان به گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن هڪ ٻئي سوال تي چيو ته مولانا شيراني جا تڪراري بيان سندس ذاتي راءِ آهي، عورتون معاشي سرگرمين جو فعال حصو آهن ۽ عفت ۽ حيا جي دائري جي اندر سندن معاشي سرگرمين جو حصو بڻجڻ تي ڪا به پابندي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايم ڪيو ايم پاڪستان  ڇڙوڇڙ: پ پ سنڌ مان سينيٽ جون سموريون سيٽون کٽڻ لاءِ متحرڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختلافن جو فائدو وٺڻ لاءِ سياسي پنڊت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے