19 پیر , فروری 2018

ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن رينجرز ڪارروائيون، 10 ڄڻا گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڌاڙن ۽ منشيات فورشي سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪراچي جي علائقي بغداري ۾ ڪارروائي ڪندي گينگوار جي ڪارندي يوسف خان اختر کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڀتا خوري سميت دهشتگردي جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهي. پڌرائي موجب رينجرز طرفان کوکرا پار ۽ ملير ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار چوري ۽ ڌاڙن سميت ٻين سنگين وارداتن ۾ ملوث آهن. ٻئي پاسي رينجرز شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي جتان 5 منشيات فروش گرفتار ٿيا، جوابدارن وٽان هٿيار، گوليون ۽ ٻيو سامان ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بهادر آباد گروپ جي فاروق ستار جي اميدوارن کي سينيٽ اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم بهادر آباد گروپ طرفان فاروق ستار جي اميدوارن کي سينيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے