22 منگل , مئی 2018

نيوز: ڪنب پوليس جي ڪارروائي، قتل ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪنب پوليس ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو.

ايس ايڇ او انور علي ابڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس حسيني شاخ ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ روپوش ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته گرفتار ڪيل جوابدار لعل گل گوپانگ  قتل سميت وڌيڪ 5 ڪيسن ۾ ملوث آهي.

ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڏوهاري کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Wahi pandhi: Villagers: Unrest protest against Rustmann's homeowners

منجهند ٻارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-05-22

*قطري  ڪٽنب سان ڪاروبار ۾ هو پاڻ  شريڪ نه رهيو:نواز شريف *واهي پانڌي: ڳوٺ ڇڊري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے