21 پیر , مئی 2018

نيوز: سوڀو ديرو: عوام جي ڏکيائن کي گهٽتائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن: ٽائون چيئرمين

سوڀوديرو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چيو آهي ته مڪاني کاتي جي حڪومت بحال ٿيڻ کانپوءِ عوام جي ڏکيائن کي گهٽائڻ لاءِ سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن شهر ۾ صفائي وارو هفتو ملهائڻ واري مهم جي عيد گاهه کان شروعات ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي ٽائون چيئرمين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مڪاني حڪومت  جي ذميواري هوندي آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪري، جنهن تي هو پورو لٿو آهي.

هن چيو ته شهر جي مختلف وارڊن ۾ گٽر نالن  توڙي روڊن رستن جو ڄار وڇائي عوام جي اهنجن کي گهٽايو ويو آهي، جڏهن ته شهر ۾ صفائي مهم هلائي شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته محدود وسيلن کانپوءِ به هن جي ٽيم واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي هو کيس واڌايون ڏئي ٿو.

ٽائون چيئرمين چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ شهر ۾ مختلف هنڌن تي رهيل ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي پيش ايندڙ مشڪلاتون ختم ڪيون وينديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dakhan: The respondent Kornas killed the young man under his house and allegations under charge

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-05-21

*ڊکڻ: جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ  پنهنجي گهر واري ۽ الزام هيٺ آيل نوجوان کي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے