15 اربع , آگسٽ 2018

بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاب بچن کي طبيعت ناساز هئڻ تي اسپتال ۾ داخل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاب بچن کي طبيعت ناساز هئڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اميتاب بچن ڪيترن ئي ڏينهن کان چيلهه ۽ ٻانهن جي سور ۾ مبتلا هيو ۽ معمول موجب چيڪ اپ لاءِ ممبئي جي ليلاوتي اسپتال پهتو جتي ڊاڪرن کيس داخل ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اميتاب بچن کي هاضمي واري نظام ۾ مسئلي جي ڪري داخل ڪيو ويو آهي پر اسپتال يا سندس خاندان طرفان في الحال تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. بگ بي هن وقت ڪيترين ئي فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ ” 102 ناٽ آئوٽ“ پن شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ستارن طرفان به پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جون واڌايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستاني اڄ جوش ۽ جذبي سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے