21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

سينيٽر نسرين جليل جي ساڙهي پائڻ تي مفتي عبدالستار ڪاوڙجي پيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اجلاس قانون سازي ۽ عوامي حقن بابت ڳالهه ٻولهه لاءِ رٿيا ويندا آهن پر ان اجلاسن ۾ عوام بابت ڳالهه ڪرڻ بدران ميمبر غير ضروري ڳالهيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ڪڏهن ڪڏهن ميمبرن وچ ۾ ٿيندڙ بحث انتهائي دلچسپ به لڳندا آهن. اڄ سينيٽ ۾ فنڪشنل ڪميٽي جي انساني حقوق جو اجلاس ٿيو جنهن دوران سينيٽر نسرين جليل ساڙهي پائي ايوان ۾ پهتي، جنهن کي ڏسندي ئي مفتي عبدالستار ڪاوڙ ڪندي سينيٽر کي ڇنڊ پٽي. تفصيل موجب سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جي انساني حقن بابت اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر نسرين جليل ساڙهي پائي پهتي، جنهن کي اهڙي لباس ۾ ڏسي اجلاس بعد ڪميٽي جي ميمبر مفتي عبدالستار سندس لباس تي اعتراض واريا. مفتي عبدالستار کيس چيو ته اوهان جهڙي دانشور ۽ لائق عورت کي مسلمانن وارو لباس ڪرڻ گهرجي. اوهان ٻين عورتن لاءِ مثال بڻجو. مفتي عبدالستار جي اعتراض تي نسرين جليل جو چوڻ هو ته مان 74 سال جي عورت آهيان ۽ مان مرڻ کان بچي آهيان، منهنجي عمر جي عورتن لاءِ ڪهڙا حڪم آهن. اجلاس دوران مفتي عبدالستار چيو ته توهين رسالت قانون ۾ ترميم جي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان اهڙي قسم جي ڪا به ترميم ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙي اعتراض تي نسرين جليل جو چوڻ هو ته اسان کي ڪا به خبر ناهي ته اهڙي ترميم ڪٿي ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو عدالت کان اجازت نه ملڻ جي باوجود لنڊن وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف نيب ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے