19 پیر , فروری 2018

وزير اعظم سان مالديپ جي پرڏيهي وزير جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان مالديپ جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران هن مالديپ جي صدر طرفان لڳايل ايمرجنسي واري صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. تفصيل موجب مالديپ جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد عاصم هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هو مالديپ جي صدر طرفان موڪليل خاص وفد جي سربراهي ڪري رهيو آهي. وزير اعظم سان ملاقات ۾ ڊاڪٽر محمد عاصم صدر طرفان مالديپ ۾ لڳايل ايمرجنسي واري صورتحال تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو. هن ان موقعي تي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وزير اعظم ان ڳالهه تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ لاڳاپا احترام ۽ گڏيل مفادن سان گڏ محبت تي ٻڌل آهن. وزير اعظم چيو ته پاڪستنا ٻين ملڪن جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي تي يقين رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل پيرا آهي. مالديپ جي پرڏيهي وزير پاڪستان طرفان مالديپ جي حڪومت ۽ شهرين سان خاص سهڪار تي سندس ٿورا مڃيا. ان موقعي تي هن انتهائي پرجوش ۽ شاندار ميزباني تي پاڪستاني وزير اعظم جا به ٿورا مڃيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے