18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

شاهه زيب قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جي حڪمن کي نظر انداز ڪيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عدالت عظميٰ جو چوڻ آهي ته عدالت شاهه زيب قتل ڪيس ۾ جوادبارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون جي تحت ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏنو هو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻي واڻي اسان جي حڪمن کي نظر انداز ڪيو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٿيل شاهه زيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جوابدارن تي دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت عظميٰ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سموريون عدالتون سپريم ڪورٽ جي حڪمن جون پابند آهن پر سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي جي وقت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نظر ۾ ناهي رکيو، عدالت عظميٰ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ چالان جمع ڪرائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي هئي ۽ حڪم ڏنو هو ته جوابدارن تي دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪيس هلايو وڃي، اي ٽي سي ڪيس ٻي عدالت ۾ اماڻڻ واري درخواست مارچ 2017ع ۾ جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست اپريل 2013ع ۾ ئي رد ڪئي هئي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ آخري فيصلو ڏنو ته بدقسمتي سان عدالت عظميٰ جي 2013ع واري فيصلي جو ذڪر ئي نه ڪيو ۽ جيڪڏهن ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪيو ويو ته اهو شرم جوڳو آهي، مصنوعي سبب پيد اڪري سپريم ڪورٽ  جي حڪم کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ سهڪار جو هٿ وڌائڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے