24 خميس , مئي 2018

عمران خان جو چيف جسٽس کان عدالت کان مٿانهين قتل تي ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو

لوڌران(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن جي هدايت کي نظرانداز ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 154 لوڌران ۾ جلسي کي خطاب ڪيو. جلسي کي خطاب دوران عمران خان چيف جسٽس کان عدالت کان مٿانهين قتل تي ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جهانگير ترين نه مني لانڊرنگ ڪئي ۽ نه ئي ڪرپشن ڪئي، اهو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندو آهي، آبادگارن کي پوري قيمت  ڏيندو آهي، هو شريف خاندان يا زرداري جهڙو ناهي. هن چيو ته  پنجاب پوليس جي فرار ٿيل انسپڪٽر عابد باڪسر بيان ڏنو ته هن شهباز شريف جي چوڻ تي ڪوڙا مقابلا ڪري ماڻهو ماريا، شهباز شريف جي دور ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ٿيا، 1998 ۽ 1997ع واري شهباز شريف جي دور ۾ پوليس 870 قتل ڪيا، شهباز شريف جو خراب وقت شروع ٿي چڪو آهي، پنجاب پوليس قصور ۾ 135 ڄڻڻ کي قتل ڪيو ۽ ماڊل ٽائون ۾ به ماڻهن تي گوليون وسايون ويون جڏهن ته ڪي پي ڪي پوليس مثالي پوليس بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته نيب چئي رهي آهي ته پنجاب حڪومت جواب ناهي ڏئي رهي ملتان ميٽرو پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، نواز شريف جا ٻار هاڻ پاڪستاني ادارن کي جواب ناهن ڏئي رهيا، نواز شريف جا وزير به چوري ۾ ملوث آهن، نيب گهرايو ته نواز شريف جي ٻارن چيو ته اسان پاڪستاني ناهيون، اڳوڻي وزير اعظم نواز شيرف کان جڏهن ته پڇيو ويو ته پيسا ڪٿان آيا ته هو قطري خط کڻي آيو. مافيا ادارن کي تباهه ڪندي آهي ۽ مخالف ڌر سميت سمورن ماڻهن کي خريديو آهي.  هن چيو ته پرڏيهي وزير  خواجا آصف وٽ دبئي جو اقامو آهي، خواجا آصف دبئي ۾ نوڪري دوران 16 لک ماهوار پگهار وٺندو هو. 21 سالن کان مافيا خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهيان،  مافيا ملڪ تي قبضو ڪيو ويٺي آهي، ان خلاف جدوجهد سياست نه پر جهاد آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ سميت سمورن ادارن جو احترام ڪيون ٿا، اسان فيصلي کي قبول ڪيو. نواز شريف جيان اهو ناهي چيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. نواز شريف 300 ارب رپيا ملڪ کان ٻاهر کڻي ويو جنهن جو حساب ڏيڻ بدران ابتو اهو پيا چون ته نيب اسان جي سوالن جا جواب ناهن ڏنا، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي مافيا جو گاڊ فادر قرار ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے